اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري پشاور ڪو??ه رسالدار جي ج??معه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني ج??نين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ج??ا جدا بيانن ۾ هنن چيو ته ڪو??ه رسالدار جامعه مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪو دهشتگردي جي بدترين مثال آهي، دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث عنصر انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن، ملوث عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مع??وم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، عبادتگاهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جي نالي تي ڌٻو آهن، پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، دهشتگردي ۾ ملوٿ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اس??يڪر ۽ ڊپٽي اس??يڪر ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدردي جو ا ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.