اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي شعبي جي حوالي سان اهم اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وزيراعظم جي خاص معاو?? ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزير?? ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي، صحت ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي، حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدارڪ جي لاءِ پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري لاءِ پيدائش کانپوءِ ويڪسي نيشن جي مڪمل ٿيڻ تائين ٻارن جي صحت جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ حڪومت عالمي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪسي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي و??ي آهي جنهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪسي نيشن جي شرح جي حوالي سان پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صحت جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.