اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو ??ڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي مي??يا ??نگ موجب وزيراعظم لاه??ر ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاج?? جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ??يندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪار?? جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاه??ر ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.