اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي صحت جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ ق??ئم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان ش??بي ۾ ان جي اڻ ڳڻين مهارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم اتر آمريڪا جي صحت جي ش??بي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لائين سسٽم ق??ئم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي ش??بي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ?? سهولت جي ضرورت آهي، وزيراعظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان ش??بي ۾ ان جي اڻ ڳڻي مهارت ??ان فائدو حاصل ڪن، وزيراعظم پاڪستان جي صحت جي ش??بي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ ق??ئم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.