اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مصر جي مشهور ڪاوربار?? شخصيت نجيب اُنسي ساويرس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا ??نگ مان جاري بيان موجب نجيب اُنسي ساويرس حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ موجوده صورتحال کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ موزون ترين قرار ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موجوده وسيع موقعن ۽ ٽورازم جي ميگاپراجيڪٽ جي حوالي سان گف??گو ڪئي وئي.