اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جان محمد جم??لي کي بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته جان محمد جم??لي جي سياسي تجربي مان سمورا صوبائي اسيمبلي ميمبر فائدو کڻندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته صوبائي ۽ قومي سياست سان گڏوگڏ بلوچستان جي ترقي جي لاءِ جان محمد جم??لي جون خدمت??ن ساراهه جوڳيون آهن ۽ جان محمد جم??لي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ گڏ کڻي هلندو.