مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جن??ل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي ??ربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي ??لف برداري جي ??قريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي ??وري دوران محمد صادق سنجراڻي ايران جي ??در ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان ??ار??ن پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.