اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن سرور شهيد جو نه ٽٽندڙ حوصلو ۽ وفاد??ري سدائين جي لاءِ عزم ۽ همت جو مثال رهندي. ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي 73 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر وطن ۽ ڪشمير لاءِ سندس قرباني اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته قوم، ملڪ جي خاطر جا?? جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکندي. ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد جي بهادري ۽ شجاعت نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي، هن چيو ته ملڪ جي خاطر پنهنجي جا?? جي قرباني ڏيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد بهادري جو روشن مثال آهي، قوم 1948ع جي ڪشمير جنگ ۾ بهادري، شجاعت جي داستان رقم ڪندڙ شهيد ڪيپٽن محمد سرور کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.