اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان آمريڪي خوج جي نڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن ??مريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن ??ام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سو??ن سو??ل ڪيو ته ڇا توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا ??ال??ان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن ??ي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن ??ه قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سو??ل ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن ??ي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.