اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ م??شي??ت کان پاڪ ماحول فراهم ڪر?? جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪر?? جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، م??شي??ت جي روڪٿام واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين دراني، انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ م??شي??ت جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪر?? جي قدمن ??و جائزو وٺ?? جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪر?? جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ م??شي??ت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن ??ي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وائيس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏي?? جي تجويز ڏني جيڪا م??شي??ت جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ م??شي??ت جي استعمال کي روڪ?? جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا قائم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو.