اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپل?? پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته صنفي بنيادن تي ت??دد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، ?? پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي ت??دد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئي وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو ??المي ڏينهن آهي. صنفي بنيادن تي ت??دد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي ت??دد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي ت??دد جي مذمت ڪري ٿي، جنهن معاشري ۾ عورت ڪمزور آهي اهو معاشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي آئين موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.