اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ??ديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي جي عنوان سان ??لهائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پاڪستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ??لهائڻ جي لا??ِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ت??قي جا وسيع مو??عا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.