اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪووڊ 19 جي 300 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪووڊ 19 جا 20 هزار 882 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 247، پنجاب ۾ 8 هزار 805،خيبرپختونخوا ۾ 3 ??زار 600، اسلام آباد ۾ 2 هزار 706، بلوچستان ۾ 230، گلگت بلتستان ۾ 267، آزاد ڪشمير ۾ 27 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 80 هزار 970 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 92 مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 881 ??هي?? هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 96 هزار 149 ??هي?? جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 299، بلوچستان ۾ 12 هزار 879، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 903، اسلام آباد ۾ 15 هزار 649، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 118، پنجاب ۾ 96 هزار 832 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 469 مريض آهن.