دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري ??لائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ت?? ٻوڏ واري ??ورتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري ??ورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري ??ورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مد?? ڪئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي مد?? گهري ??هيا هئا. هن چيو ته مد?? لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي مد?? ڪري ??نهن کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو ??ام??ن پهچايو پيو وڃي.