لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنج??ب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ ح??ومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنج??ب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي سينيٽر شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ??ين??ڙ ملاقات دوران عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ??ين??ڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنج??ب جي گورنر چوڌري محمد سرور حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت نه رڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.