اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جانورن جون منڊيون قائم ??رڻ بابت طريقيڪار صوب?? سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ضروري صحت، گائيڊ لائين ۽ تجويزون شامل آهن، سڄي ملڪ ?? ڪنهن به جڳهه تي شهر جي اندر منڊي نه لڳائي ويندي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1979 مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڌيڪ 50 ڪورونا متاثر ماڻهو فوت ٿيا، سڄي ملڪ ?? هڪ لک 70 هزار 656 ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ?? 77 هز??ر 628 ڪورونا ايڪٽو ڪيسز آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 هز??ر 20 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن ۾ سنڌ جا 8 هز??ر 930، پنجاب جا 7 هز??ر 375، خيبرپختونخواهه جا 2 هز??ر 98، بلوچستان جا 204، گلگت بلتستان جا 62 ۽ آزاد ڪشمير جا 337 ٽيسٽ شامل آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي.