اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قابض ڀار??ي حڪومت انساني ۽ عالمي قانونن جي ابتڙ والاريل وادي ۾ ڪشميري جوانن، ٻارن ۽ عورتن جو بي رحماڻو قتل عام ??ند ڪري، اسان خودمختياري واري حق لاءِ ميدان عمل ۾ ڄميل ڪشميرين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ پوري ثابت قدمي سان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، اسان کي عالمي ضمير، عالمي قانونن جي پاسدارن ۽ سلامتي ڪائونسل کي اپيل ڪرڻ گهرجي ته ??هي والاريل ڪشمير تي ڀار??ي حڪومت جي ناجائز قبضي جي خلاف قدم کڻن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هُن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.