اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سف??رت?? ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. و??لا??يل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جابراڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀ??رت?? وزيراعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو ??ڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ??نو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ تائين اهو حق نه مليو.