اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي ڏي??هن ترڪيه ۾ زلزلي کان م??اثر علائقن جو دورو ڪن??و ۽ ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پاڪستان پاران موڪليل امدادي سامان جو جائزو وٺندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪن??و ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم آديامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪن??و ۽ ا??هن جي مدد لاءِ قائم سينٽر جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم اتي ترڪ وزيرن ۽ عملدارن سان ملاقات ڪندو جتي ا??هن کي جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.