اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان جي پاڙيسر?? ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج ال??ين محردين سان ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ??يو.