اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آه?? ته سمورين مشڪلاتن باوجود پاڪستان جو مستقبل روشن آه??، جهڙي طرح سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي تقريبن جي ٽن ڏينهن ۾ هتي امن، نظم ۽ ضبط ۽ هڪٻئي جو احترام ۽ برداشت جو ڪلچر ڏٺو الله ڪري اهو سلسلو سدائين برقرار رهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جون تقريبون منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏڙن طرفان ڌار ملڪ قائم ڪرڻ جي مقصدن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، هن ٽن ڏينهن واري?? تقريبن دوران امن، ڊسيپلين ۽ برداشت کانسواءِ هڪٻئي جو احترام ڏٺو، هي ڪنهن به مهذب پا??لي??مينٽ ۽ جمهوري نظام جو بنياد آه??، منهنجي دعا آه?? ته هي ماحول جيڪو هتي نظر آيو اهو سدائين قائم ۽ دائم رهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان عالمي معيارن موجب پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آه??، رابطا ۽ شفافيت پا??لي??مينٽ لاءِ اهميت رکندڙ آه??، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انتظامي ۽ پاليسي قدمن سان وفاق، جمهوريت ۽ گورننس مضبوط ٿي??دي، سينيٽ جي ڪارروائي ۾ عوامي شرڪت بهترين قدم آه??، ان سان عوام جو پا??لي??ماني جمهوريت تي اعتماد بحال ٿي??دو. هن چيو ته هي جمهوريت، پا??لي??مينٽ، قانونسازن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وقت آه?? ان سان گڏوگڏ هي وفاق ۽ وفاقي ٿنڀن جو وقت آه??، هن چيو ته 50 سال اڳ هن سينيٽ جو قيام پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب آه?? ۽ ان سان وفاق پاڪستان کي استحڪام مليو، هن چيو ته موجوده چيئرمين سان گڏوگڏ اڳوڻي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي به مبارڪون ڏيون ٿا جنهن وفاق کي درپيش مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود هڪ روشن مستقبل پنهنجي سامهون نظر اچي رهيو آه??، پنهنجي محبوب وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ روشن مستقبل نظر اچي رهيو آه??، ڪلمي جي بنياد تي حاصل ٿي?? ملڪ کي الله هر طرح جي خطرن کان محفوظ رکي.