اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر پا??ست??ن پاران جرمني سان دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پا??ست??ن جي گهري خوا??ش جو اظهار ڪيو. ٻن??ي طرفن ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پا??ست??ن جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪتي وزير چيو ته پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻن??ي وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي برادري کي درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.