اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته اي سي او ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطي، واپار ۽ اقتصادي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، اي سي او ويزن 2025ع جي حوالي سان پنهنجي اڳڀرائي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ميمبر ملڪ موجوده عالمي اقتصادي بحران جي منفي اثر?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاليسي?? کي ٺوس بڻائين، سمورن ملڪ?? کي موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان ۾ گليشيئر تيزي سان پگهري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطي جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته دنيا کي معاسي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا جهڙا مسئلا درپيش آهن، هاڻي کڄندڙ قدم اسان جي مستقبل کي طئي ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو، اسا?? کي خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن ملڪ?? کي موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، دنيا کي موسمياتي تبديلين جا اثر درپيش آهن، 2022ع ۾ پاڪستا?? کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، لکين گهر ۽ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل متاثر ٿيا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين ۽ معيشت جي بحالي اولين ترجيح آهي، سڄي دنيا ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به کان گهٽ آهي. هن آذربائيجان جي پرڏيهي وزير کي وزارتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اي سي او کي خطي ۾ هڪ اهم پليٽ فارم طور ڏسي ٿو جيڪو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائي ٿو، اهو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطي، واپار ۽ اقتصادي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. هن چيو ته پنهنجي قيام کانپوءِ کان اي سي او مسلسل ترقي ڪئي آهي ۽ اڄ هن تنظيم کي تعاون جي ٺوس فريم ورڪ، مستقبل جي حوالي سان ايجنڊا ۽ وڌندڙ سرگرمين افق تي فخر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جن ۾ 400 ٻار به شامل آهن جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا ج?? کي صحت ۽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بک جو خطر?? آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان 10 لک گهر تباهه ۽ هڪ ملين کان وڌيڪ پالتو جانور مري ويا، چار ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، 6 مهينا گذرڻ جي باوجود ملڪ جو وڏو حصو پاڻي هيٺ آهي. هن چيو ته اي سي او جو خطو 8 ملين چورس ڪلوميٽر ۽ اڌ ارب آبادي تي ٻڌل آهي جيڪو دنيا جي آبادي جو اٽڪل 15 سيڪڙ?? آهي جڏهن ته ان جو عالمي واپار ۾ حصو رڳو 2.2 سيڪڙ?? آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي انٽرا ريجنل ٽريڊ خطي جي مجموعي واپار جو 8 سيڪڙو کان به گهٽ آهي جيڪو يورپي يونين جي ابتڙ آهي جتي انٽرا ريجنل ٽريڊ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اي سي او واپاري معاهدو هڪ تاريخي ترجيحي واپاري انتظام آهي جنهن جو مقصد هڪ طئي ٿيل فريم ورڪ تي خطي ۾ ٽيرف کي گهٽ ڪرڻ آهي. پاڪستان ا?? کي جلد لاڳو ڪرڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان اميد ڪريون ٿا ته اي سي او واپاري معاهدو ٽيرف جون رعايتون جلد لاڳو ٿينديون. پاڪستان اي سي او فريم ورڪ تحت واپار جي فروغ ۽ سهولتڪاري کي اعليٰ ترجيح ڏيندو رهندو. هن چيو ته اي سي او ويزن 2025ع هڪ اهم دستاويز آهي جيڪو اسلام آباد ۾ 13 هين اي سي او سربراهه اجلاس دوران اختيار ڪيو ويو جيڪو بين العلائقائي واپار کي وڌائڻ طرف اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، اسا?? کي اي سي او ويزن 2025ع جي حوالي سان پنهنجي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رستي ۽ ريل جي منصوبن جي ترقي، ويزا جي نظام کي آزاد ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي ذريعي رابطي سان نه رڳو توانائي جي اسان جي بين العلائقائي ضرورت?? کي پورو ڪيو ويندو پر علائقائي واپار ۾ اضافو ٿيندو، اهو اسا?? کي هڪ پل جي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل لاڳاپ?? کي فروغ ڏيڻ جي قابل بڻائيندو. گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم حڪ??ت عملي آهي جيڪا اسان جي وچ ۾ وسيع تر اقتصادي تعاون خطي ۾ امن ۽ استحڪام آڻيندو. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي استنبول – تهران – اسلام آباد (آءِ ٽي آءِ) روڊ ڪوريڊور جي آپريشنلائيزيشن سان گڏوگڏ ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هڪ فنڊ جو قيام آهي، ٽي آئي آر سسٽم تحت پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ٽرڪ جي ڪاميابي سان گڏ ايران جي رستي ڪارگو جي پهچ ڪري رهيا آهيون، پاڪستان پنهنجي ريل ۽ رستي جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪري رهي?? آهي ته جيئن اسان جي پاڙي ۽ ان کان ٻاهر سامان جي آساني سان اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ هو امن ۽ سلامتي جي قدر کي چڱي ريت سمجهي ٿو، اسان سدائين امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي ۾ اسان جي خطي جو اهم حص?? آهي، اها اسان جي انتهائي خواهش آهي ته ڀائر ملڪ افغانستان ۾ ام?? کي پاڙ پڪڙيندي ڏسون جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنگ ۽ عدم استحڪام جي ڪري نقصان کڻي رهي?? آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کانسواءِ اي سي او خطي جا مقصد ۽ خواب خواهش هوندي. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي موجوده عالمي اقتصادي بحران جي منفي اثر?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاليسي?? کي ٺوس بڻائين، اسان اي سي او ريج?? کي هڪ خوشحال واپاري بلاڪ ۾ تبديل ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا ته جيئن خطي ۾ آزاد واپار کي فروغ ملي جيڪو عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو عنصر بڻجندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مو?? کي يقين آهي ته اي سي او جي پليٽ فارم سان اسان جي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن سان اسان اي سي او جي خطي جي حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪري سگهي ٿو.