اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان اي??اني صدر جي ??فغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي ??هميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغانستان جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ اي??ان جي ??هم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ اي??اني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي ??صوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.