اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ٿيري فليمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افي??رز?? سائنسز، پويو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس فرانس جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ٿيري فليمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي سي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني کر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اسٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستان جي شرڪت تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افي??رز?? سائنسز پويو يونيورسٽي جي شاگردن سان ”پاڪستان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوا??ن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽي جي فيڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئمپس فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽا??ٽا کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.