گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) تي زور ڏنو آهي ته اها گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل سان اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائندو يا فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي لاءِ رجوع ڪري ڇو ته سڄي دنيا ۾ خاص طور تي يورپ ۾ اسلامو فوبيا ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪو آهي، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپ?? جي فريم ورڪ جي اندر مسلمانن کي درپيش چئلينجن کي اٿارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ??ي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي يورپ ۾ مسلمان?? جي خراب حالت بابت رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسلامو فوبيا يورپ ۾ ??يا??ي شعبن ۾ شدت سان گونجي رهيو آهي جيڪو آخرڪار قانونسازي ۽ پاليسين جهڙن امتيازن امتيازي سفري پابندين ۽ ويزا پابندي?? جي ذريعي اسلامو فوبيا کي اداراجاتي بڻائي ٿو. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي گذريل سال اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ملڪن پاران پاڪستان پاران پيش ڪيل تاريخي قرارداد کي منظور ڪيو هو جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. ان قرارداد سان پيدا ٿيندڙ اڳڀرائي کي برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ اهڙي طرح جي اسلامو فوبيا جي هڪ بدترين شڪل هندوتوا کان متاثر ڀارت ۾ آهي. هن چيو ته مسلمان?? جي خلاف نفرت جي نظريي تي عمل پيرا ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي – آر ايس ايس جي حڪومت پنهنجي صديون پراڻي منصوبي تي عمل پيرا آهي، ان جو مقصد ڀارت جي اسلامي ميراث کي ختم ڪرڻ ۽ ڀارت کي هڪ خصوصي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ مسلمان?? جي خلاف نفرت تي ٻڌل ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسلامو فوبيا جو صنفي رخ به نمايان ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مسلمان ڇوڪرين ۽ عورتن کي انه?? جي لباس جي انداز ۽ عام تصور جي ڪري نشانو بڻ??يو وڃي ٿو ته مسلمان عورتون مظلوم آهن ۽ انه?? جي لاءِ انهن کي ”آزاد“ هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي کي يورپ ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ امتيازي سلوڪ ۽ نفرت انگيز ڏوه?? جي اهڙن واقع?? جي نگراني جي لاءِ او آءِ سي جائزه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي کي گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ ڪائونسل آف يورپ جي انساني حق?? جي ڪمشنر کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي مسلمان?? جي خلاف مذهبي نفرت، دشمني ۽ تشدد ??ي ڪاررواي?? جي نگراني جي لاءِ مبصر مقرر ڪري جيڪو پاليسي ادارن کي باقاعدگي سان رپورٽ ڪري. او آءِ سي کي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو اسلامو فوبيا تي خصوصي نمائنده يا فوڪل پرسن مقرر ڪري. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي يورپي ملڪن سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپ?? جي فريمورڪ جي اندر مسلمانن کي درپيش چئلينجز کي اٿارڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ??ي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن.