اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ خميس ڏينهن اسلام آباد کان ثمرقند روانو ٿين??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ثمرقند ايئرپورٽ کان حضرت خضر ڪمپليڪس ويندو جتي هو مسجد خضر سميت اسلام ڪاري – موف جي مزار تي پڻ ويندو جنهن کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيئوف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان جدا جدا ملاقات ڪن??و. ??زيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد راجاپاروف سان پڻ ملاقات ڪن??و. ??زيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجي??ڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجي??ڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.