اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻوڏ سبب بري طرح متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري صوبي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌاي?? ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آه?? ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون د??پيش آه??، هن ٻڌاي?? ته ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آه??، وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آه??، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آه?? تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چي?? ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آه?? ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آه??. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌاي?? ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آه??. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ عالمي برادري کان امداد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43