اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي اڄ سومر تي اجلاس گهرائي ورتو آهي. وزير اعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير اعظم هائوس ۾ اجلاس ۾ اعلي عملدارن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي با??ت قدمن جو ??ائ??و وٺندو. اجلاس ۾ وزير اعظم کي ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ۽ پيسن جي ادائيگي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم جي گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد با??وه ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وزيراعظم آرمي چيف سان سنڌ صوبي ۾ امدادي ڪاررواين با??ت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ رابطن روڊن ۽ پلين جي تباهي سبب هيليڪاپٽر جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم کي اڄ جي اجلاس ۾ هيليڪاپٽر ذريعي امدادي ڪاررواين با??ت آگاهه ڪيو ويندو. ٻوڏ سبب سنڌ صوب?? ۽ ??لوچستان ۾ زميني رابطو ڪٽجڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار جي فوري روڪ رقم جي فراهمي جي عمل جو ??ائ??و ورتو ويندو. وزيراعظم سنڌ صوبي جي ٻوڏ متاثرين ۾ فوري روڪ رقم ورهائڻ جو گذريل ڏينهن حڪم ڏنو هو.