اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وز??ر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي انساني ۽ سياسي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، پاڪست??ن خودمختياري جي حق لاءِ والاريل ڪشمير جي عوام جي سدائين حمايت ڪندو رهندو. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي عوام سان پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريون ٿ??، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جي سخت مذمت ڪريون ٿ??. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي انساني ۽ سياسي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، ڀارت معصوم ڪشميرين سان گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري غيرانساني سلوڪ بند ڪري. هن چيو ته ڀارت پاران گڏ??ل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزين جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿ??.