اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاري??ي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن ل??ڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ س??ودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ س??ودي ولي عهد سم??رن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.