??سل??م آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ??تي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ ??ين??ڙ چونڊن لاءِ اميدوارن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو وي??. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي د??خواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف وفاقِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ نهايت تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، هن چيو ته بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور طريقي سان اقتدار ۾ واپس ??ين??اسين.