مظفرآباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روايتي علاج جي طريقي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لاءِ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي قابل قدر ا??سا??ي وسيلن مان فائدو کڻڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن مظفر آباد ميڊيڪل ??اليج جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ پروفيشنلز صحت جي ڪيترن ئي نظرانداز شعبن ۾ مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگه?? ٿا، جتي آگاهي جي ذريعي واضح فرق پيدا ڪري سگهجي ٿو، صدر وڌندڙ آبادي، عورتن ۾ خوراڪ ??ي گهٽتائي، ٻارن ۾ واڌ ويجهه ??ي گهٽتائي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ احتياطي تدبيرن بابت ڊاڪترن جي رهنمائي لاءِ موثر پاليسي تي زور ڏنو، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس جو شڪار آهي جنهن تي تقريبن 3 ارب ڊالر خرچ ايندو آهي، هن چيو ته عورت ڊاڪٽرن کي پنهنجو پروفيشن جاري رکڻ لاءِ انهن جي صرف حوصلا افزائي ڪافي نه آهي، پر عملي حڪمت عملي جي جوڙجڪ وقت جي ضرورت آهي، هن آن لائين طريقن سان طبي م??اورت ۽ ٽيلي ميڊيسن جي نقطه نظر جي فروغ جي تجويز ڏني ته جيئن عورت ڊاڪٽرز پنهنجي پروفيشن ۾ ڪم جاري رکي سگهن جيڪي پنهن??ي گهريلو ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ ملازمتون ڇڏي ڏينديون آهن، هن چيو ته ملڪ کي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ موجوده 2 لک نرسن جي مقابلي ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، هن چيو ته ميڊيڪل ??ريجوئيٽ ڊاڪٽر بڻجي ا??سا??يت جي خدمت ۽ همدردي جي عمل ڪن. هن روايتي پيشيوراڻي تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن جي سٺي ڪردارسازي جي اهميت تي زور ڏنو، هن چيو ته ميڊيڪل ??ريجوئيٽس پنهنجي پروفيشن کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري ادا ڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ا??سا??يت جي م??د ۾ معاونت ڪن، ا??سا??يت جي سارسنڀال کانسواءِ ميڊيڪل جو شعبو نامڪمل آهي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هيلٿ سائنسز اينڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي م??البي جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميرين جي حمايت ڪئي ۽ دنيا کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا مسلسل ياد ڏياريندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي تازي اجلاس دوران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن کي اجاگر ڪيو ويو، هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمان بنيادي ا??سا??ي حقن کان محروم آهن. صدر جينوسڊ واچ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اقليتن کي شديد نفرت درپيش آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت وادي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، صدر ڪامياب ٿيندڙ گريجوئيٽس، والدين ۽ استادن کي انهن جي ڀرپور محنت تي م??ارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته خانداني نظام پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??اشري جي خوبصورتي آهي، جنهن سان ملڪ جا شهري پاڻ ۾ جڙيل آهن.