اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يق??ني ب??ائ?? سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يق??ني ب??ائ?? سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ ??وزگار جا وسيع پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ??مورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.