اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول قوم کي ٻڌائي ته بينظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن، جڏهن چوريون گڏيل هجن ته پوءِ پنهنجا سمورا اختلاف پٺتي رهجي وڃن ٿا، بينظير ۽ زرداري تي ڪيس عمران خان نه ٺاهيا پر اهي ڪيس ٺاهيندڙ نواز ۽ شهباز ئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي ??نهنجي ردعمل ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته علي بابا 40 چور، رستن تي گهيلڻ، پيٽ ڦاڙي ڦريل رقم ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارتي سدائين نوڪريون وڪرو ڪيون، ميرٽ تي ??ورو لهڻ جي باوجود نذراني کانسواءِ ڀرتيون نه ٿينديون هيون. مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي ئي اس??وڊ??ٽ يونين ۾ غنڊه گردي، قتلام ۽ بدمعاشي جو ڪلچر متعارف ڪرايو. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هاڻي هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به حڪومت ۾ پيپلزپارٽي ان تي عمل نه ڪيو. مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته اڄ نوجوانن ۾ بيهي بلاول صاف ڪوڙو ڳالهايو ته ??نڌ ۾ مفت علاج ٿي رهيو آهي، اڄ به جيڪڏهن ??نڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ مفت علاج آهي ته اهو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي ئي ٿي رهيو آهي، ??نڌ حڪومت جيڪڏهن ??نڌ جي عوام سان وفاداري ڪرڻ چاهي ٿي ته صحت انصاف ڪارڊ پروگرام جي پوئيواري ڪري. هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته ساڍا 13 سالن ۾ ??نڌ ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون، اسڪول ۽ ڪاليجز کوليا آهن، اصل حقيقت اها آهي ته بلاول جهڙا وڏيرا پاڻ ته علاج ۽ پڙهائي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم ۽ صحت تي ڪم نه ڪري رهيا آهن.