اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) ايوان ??در جي جامع مسجد مان جمعي جي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏ??و ويو ??هي ته شرعي اصولن جي پابندي سان صحت، صفائي، ماحول?? ملاوٽ ۽ رشوت جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي ڪورونا وبا جي تناظر ۾ اجتماعي نظم ۽ ضبط ۽ شهرين جي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو، ??در ڊاڪٽر عارف علوي، ايوان ??در جي آفيسرن ۽ ملازمن جمعي جي نماز ادا ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي ??نه??جي خطي ۾ خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جا ارشاد بيان ڪندي چيو ته ??نه??جي صحت کي بيماري کان پهرين غنيمت سمجهيو وڃي، صحت کي انسان لاءِ خير جو سبب هوندي آهي، هڪ صحتمند ماڻهو ٻين جي لاءِ نفي جو سبب بڻجندو ??هي ۽ ڪنهن جي مٿان بار ناهي هوندو. هن چيو ته خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو ته تندرست ۽ توانا ماڻهو ڪمزورن ۽ بيمارن ماڻهن سان الله جي نظر ۾ اعليٰ آهي، انسان کي ??نه??جي صحت جي نعمت جو قدر ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بيماري اصل ۾ الله طرفان آزمائش هوندي آهي، اسلام جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا قدم کنيا ويا جنهن سان انساني صحت جي قدر معلوم ٿيندي آهي، جيڪا صحتمند معاشري لاءِ اهم آهي، اهڙي معاشري جي فروغ لاءِ اسان جي ذميداري ??هي ته اسان انهن قدمن جي پيروي ڪريون هن چيو ته ماهرن جي راءِ جو احترام ڪندي انهن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته صحت مند زندگي صفائي ۽ طهارت سان ٻڌل آهي، ان لاءِ اسلامي عبادتن لاءِ طهارت کي لازمي قرار ڏ??و ويو آهي، خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جسماني صحت سان گڏوگڏ ماحول جي صفائي تي به خصوصي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي آهي، هن روز مره جي استعمال جي شين جي معيار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??هي ته ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي خراب شين ۽ ملاوٽ جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته ??در ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان ??در جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.