اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ص??ارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ج?? ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن جي حوالي س??ن اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي سينئر افيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمب?? 2021ع تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي س??ن پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪئي، ان اجلاس ج?? ڪاميابي ۾ اسان جي سمورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ج?? ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪري پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي س??ح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ج?? ڪائونسل جو 48 هون اجلاس 22/23 مارچ 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ج?? ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي س??ن تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ج?? ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.