اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاشسٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو د??ر ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خب?? تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاشسٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪرسمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسند?? سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خلا?? نعرا هنيا، هن چيو ته ان کان اڳ جو د??ر ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.