اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته رمضان شوگر ملز جي ملازمن جي نالي تي بي نامي اڪائونٽس ۾ 16 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران چالان جمع ٿي چڪو آهي، فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايف آءِ اي پاران چالان جمع ٿيڻ ??انپوءِ شهباز شريف تاريخن جي پويان لڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته شهباز شريف کي گهرجي ته وڪيلن جي ذ??يعي التوا نه وٺي پر ٽرائل روزاني جي بنياد تي هل??ائي.