اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ترجم??ن ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني ل??نڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جو شيوو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت جي دور ۾ ٽي ڀيرا ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ٻاهرين ملڪ قرضن جو بنياد به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي تان اقتدار جي عادت، ٺپا لڳائڻ، ٺپا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عملي کي اغوا ڪرڻ وارن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀائين نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي فارن اڪائونٽس تائين پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، قوي امڪان آهي ته ا??هن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني ل??نڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي سڀني ل??ڳاپيل ڌرين جا خدشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاورت جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو بنياد رکيو آهي.