ڪابل -14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابل ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان افغ??نس??ان جي نئين مقرر ڪيل پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ تي غور ويچار ڪيو. پاڪستاني سفير منصور احمد خان طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ خاص طور تي ??نس??ني همدردي، معيشت ۽ عوامي سطح تي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.