اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب عو??م توهان جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوان ??وا?? ٽيڪس ناهن لڳايا، عو??م کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ل??ءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ??يو وڃي، انهن قدمن سان تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو معاشي طور تي مستحڪم ٿيندا، هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ارب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ ڪٿي استعمال ٿيا.؟