اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير کي م??اش??ي جي ڪمزور طبقن کي روزگار ۽ گهرن جي تعمير لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ غريب خاندانن جي هڪ ماڻهو کي فني ۽ پيشيوراڻي تربيت ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي ذميداري سونپيندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن، سرسبز پاڪستان ايندڙ نسلن جي تحفظ ۽ بهتر ماحول لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ گرين ايرياز جي تحفظ جي لاءِ زرعي، رهائشي ۽ ٻين زمينن جي استعمال جي حوالي سان مروجه قانونن ۽ قاعدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين زرعي زمين ۽ گرين ايرياز جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ڪنهن اهڙي زمين جي نوعيت بدلائڻ جو اختيار اعليٰ سطح تي منتقل ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان م??اش??ي جي ڪمزور طبقن کي روزگار جي لاءِ آسان ۽ گهٽ شرح تي قرضن جي فراهمي، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جي فراهمي ۽ غريب خاندانن جي گهٽ کان گهٽ هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل هنر ڏيارڻ جي حوالي سان جامع پلان ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ذميداري ناڻي واري وزير کي سونپي ڇڏي. اج??اس کي ماحوليات واري وزارت پاران جوڙيل گرين ب??ڊنگ ڪوڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اج??اس ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي گرين ب??ڊنگ ڪوڊز نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اج??اس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گرين ب??ڊنگ ڪوڊ توانائي جي بچت، پاڻي جي بچت، تعميري سامان، انڊور هوا جي ڪوالٽي، ٿرمل ڪمفرٽ ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ٻڌل آهي، گرين ب??ڊنگ ڪوڊ لاڳو ڪرڻ سان توانائي جي م?? ۾ 24 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي، ڪاربان جي اخراج جي مد ۾ 33 کان 35 سيڪڙو گهٽتائي پاڻي جي 40 سيڪڙو بچت ۽ سالڊ ويسٽ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو گهٽتائي واقعي ٿيندي آهي جڏهن ته گرين ڪوڊ تي عملدرآمد جي مد ۾ اضافي لاڳت انتهائي گهٽ آهي جيڪا ٻه ٽن سالن ۾ پوري ٿي ويندي آهي، اج??اس کي ملڪ جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز کي نئين سر جوڙڻ ۽ ان حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.