اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا آڊيٽر جنرل ??ف پاڪستان جي اداري کي وڌيڪ بااختيار، خودمختيار ۽ ش??اف بڻائڻ لاءِ قانوني ترميمون ڪرڻ ۽ سنڌ صوبي ۾ ضمني چونڊن جي تڪن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پاڪستان رينجرز مقرر ڪرڻ سميت 15 نقاطي ايجنڊا جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اسلام آباد ۾ مارجي ??يل نوجوان اسامه ستي جي ??الدين کي قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جي ??راهمي جي خاطري ڪرائي، ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن گمشدگين جي خاتمي لاءِ قانون بڻائڻ جي ??دايت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي ا??لا?? کانپوءِ ٿيندڙ فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هر اڱاري تي ڪابينا جو ا??لا?? ٿيندو پيو اچي، اڄ 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل ??ف پاڪستان جي ??نڪشنز بابت بل آڻي رهيا آهيون جنهن جو مقصد ان جي اختيارن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ، شفافيت آڻڻ ۽ دائري کي وڌائڻ آهي.