اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بوسنيا هرزيگووينا جي پر??ذيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ملاقات ??ئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن تي گڏيل حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سياست، معيشت، ثقافت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.