مڪه مڪرمه -26 جون (ا?? پي پي) سعودي عرب جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري وفاقي ??زي?? ۽ خادم الحرمين الشريفين جي حج مهمانن جي پروگرام جي جنرل سپروائيزر شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف بن عبدالعزيز آل شيخ چيو آهي ته سعودي حڪومت حاجين جي سهولت لاءِ جامع قدم کنيا آهن. ڪورونا وبا بعد هلندڙ ??ال حج جو وڏو اجتماع هوندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزارت جو ڪم 3 اهم معاملن ۾ ٿيندو آهي، پهرين حصي ۾ ميقات ۽ مقدس هنڌن جي اردگرد علائقن سميت هڪ هزار کان ??ڌيڪ مسجدن جي تعمير ۽ انهن جي مرمت شامل آهي. ٻئي معاملي ۾ حج ۾ اسلامي جاڳرتا لاءِ جنرل سيڪريٽريٽ جي سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ هوندو آهي، جنهن جو مقصد 40 کان ??ڌيڪ عالمي ٻولين ۾ 32 ملين تعليمي خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. هن ٽئين اهم پروگرام جو اعلان ڪيو جيڪو حج ۽ عمري وغيره لاءِ خادم الحرمين الشريفين جي پروگرام بابت آهي. هن ??ال ان ??روگرام تحت سڄي دنيا جي 90 کان ??ڌيڪ ملڪن مان حاجين جي ميزباني ڪئي ويندي، ان کان علاوه فلسطين رياست جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن جا هڪ هزار حاجي به شرڪت ڪندا. هن چيو ته 7200 کان ??ڌيڪ سعودي اهلڪار حاجين جي خدمت لاءِ مقرر آهن. وزارت مڪي پاڪ جي ترقي لاءِ رائل ڪميشن جي سهڪار سان ??قدس هنڌن جي سمورن مسجدن جي بهتري، سار سنڀال ۽ صفائي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. اهم ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته مڪي پاڪ ۾ 250 ملين ريالن جي لاڳت سان 75 نيون مسجدون تعمير ڪيون ويون ۽ مڪي پاڪ جي سمورين مسجدن جي سار سنڀال تي 300 ملين ريالن کان ??ڌيڪ لاڳت آئي آهي. حج جي موسم لاءِ هڪ هزار 300 مبلغن کي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي. مقدس هنڌن تي آءِ پيڊ ذريعي ويڊيو ڪالنگ سروس شروع ڪئي وئي آهي ۽ 200 لائينن ذريعي حاجين جي ڪال وصول ڪرڻ لاءِ هڪ مفت فون سروس پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه وزارت قرآني آيتن جو 76 کان ??ڌيڪ عالمي ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آهي. هڪ اليڪٽرانڪ لائيبريري سروس متعارف ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين 1417ع ۾ شروع ٿيڻ بعد سڄي دنيا جي 140 ملڪن مان ??ڏي انگ ۾ حاجين جي ميزباني ڪئي آهي.