اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ?? فوري جنگبند?? ۽ ??عصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏ??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئ?? ۽ ??حرين جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئ?? ۽ ??حرين جي قيادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آه?? ۽ ??ن جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سا?? وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليا??و آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي بادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي جواب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جلد کان جلد بحرين جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ?? ۽ ??نهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ?? فوري جنگبند?? ۽ ??عصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.