اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سوش?? ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوش?? ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين مرحلن بابت معلوماتي وڊي??ز اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوش?? ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران معلومات لاءِ صرف اليڪشن ڪميشن مان جاري ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.