اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي اقبال جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آهي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم شاعرن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ اڄ جي مسئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ اقبال جي سياسي فڪر کي اجاگر ??رڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي نالي سان من??وب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقبال تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس من??قد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس ش??ڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقبال تي عالمي ڪانفرنس من??قد ??رڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسل?? پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست اقباليات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسل?? پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي يونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان آهي جنهن ۾ اقبال جي فڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، اقبال جي تعليم کي واڌ ويجهه لاءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن شعبي جي ذريعي علامه اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل ??ي تربيت لاءِ فڪر اقبال سان رجوع ??رڻ جي ضرورت آهي. هن اقبال جي تعليم ۾ نوجوان نسل ??ي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.