اسلام آباد-16 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت حج ??اليسي 2024ع جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، حج ??يڪيج گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ لک رپيا سستو ٿيند. حج درخواستون 27 نومبر کان 12 ڊسمبر تائين وصول ڪيون وينديون، پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 79 هزار 210 مقرر ڪئي وئي آهي، سرڪاري اسپانسرشپ اسڪيم پهرين اچو ۽ پهرين وٺو جي بنياد تي هوندي، ان ۾ قرعه اندازي کان ڇوٽ هوندي، لانگ حج ??يڪج 38 کان 42 ڏينهن ۽ شارٽ حج ??يڪيج 20 کان 25 ڏينهن جو هوندو، ڪنهن کي مفت حج ??ه ڪر??يو ويندو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير انيق احمد پريس ڪانفرنس ۾ حج ??اليسي 2024ع جو اعلان ڪيو، هن چيو ته لانگ مارچ پيڪيج تحت ريگولر حج اسڪيم جا خرچ ڏکڻ ريجن (ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سکر) لاءِ 10 لک 65 هزار رپيا، اتر ريجن لاءِ 10 لک 75 هزار رپيا، لانگ حج ??يڪيج تحت اسپانسرشپ حج اسڪيم جا خرچا ڏکڻ ريجن لاءِ 3765 ڊالر ۽ اتر ريجن لاءِ 3800 ڊالر هوندا. لانگ حج ??يڪيج مدينه ۾ 8 ڏينهن جي قيام سان گڏوگڏ 38 کان 42 ڏينهن جو هوندو، شارٽ حج ??يڪيج مدينه ۾ 3 کان 5 ڏينهن جي قيام سان گڏوگڏ 20 کان 25 ڏينهن جو هوندو ۽ شارٽ حج ??يڪيج تحت ريگولر حج اسڪيم جي خرچن لاءِ 11 لک 40 هزار ۽ اتر ريجن لاءِ 11 لک 50 هزار روپيا جڏهن ته شارٽ حج ??يڪيج تحت اسپانسر شپ حج اسڪيم جا خرچا ڏکڻ ريجن لاءِ 4015 ۽ اتر ريجن لاءِ 4050 ڊالر هوندا، هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت گذريل سال کان حج خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، سرڪاري حاجي سڳورن لاءِ مخصوص رنگت ۽ سڃاڻپ واريون ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون. سعودي عرب ۾ قيام دوران لازمي استعمال لاءِ 7 جي بي ڊيٽا واري موبائيل سم فراهم ڪئي ويندي، حاجين جي تربيت ، ٽريڪنگ ۽ رهنمائي لاءِ لازمي موبائيل ايپليڪيشن جيڪا آن لائن ۽ آف لائن هڪجهڙي مفيد هوندي، ڪر??چي ايئرپورٽ تان ويندڙ حج ??انڌيئڙن کي روڊ ٽو مڪه پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته لاهور ايئرپورٽ تان ويندڙن لاءِ به ان پروجيڪٽ ۾ شموليت متوقع آهي. حج ??انڌيئڙن جي راءِ جي روشني ۾ 20 کان 25 ڏينهن جي مختصر حج ??يڪيج به جاري ڪيو پيو وڃي، مدينه منوره ۾ 8 ڏينهن جي قيام سان گڏوگڏ 3 کان 5 ڏينهن جي مختصر سهولت به ڏني وئي آهي ۽ مختصر قيام جا خرچ به گهٽ رکيا ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 90 هزار 210 آهي، سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن لاءِ ڪوٽا جي ورهاست جي شرح 50 سيڪڙو ۽ هر هڪ اسڪيم لاءِ 89 هزار 605 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن، سرڪاري حج اسڪيم جي اسپانرشپ ۾ 25 هزار سٽيون مختص آهن جڏهن ته پرائيويٽ اسڪيم جي ڪل ڪوٽا جو اڌ حصو 44803 اسپانسرشپ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ شموليت لاءِ گذريل سال وانگر ٻاهرين ملڪن مان پرڏيهي ناڻو موڪلڻو پوندو. 80 سالن کان وڏي عمر جي حج ??انڌئيڙن لاءِ مددگار جو گڏ هجڻ لازمي آهي، گذريل 5 حج ادا ڪندڙ عورت ۽ مرد هن سال درخواست ڏيڻ جا اهل نه آهن. اسپانسرشپ وارا حج ??انڌيئڙا 5 سالن جي پابندي کان آجان هوندا. هارڊ شپ ڪوٽا 500 جڏهن ته ليبر ڪوٽا 300 مختص ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن موجب عورت بنا محرم جي حج درخواستون ڏئي سگهن ٿيون، شرط اهو آهي ته حلف نامو جمع ڪر??ئين ته کين والدين يا ور طرفان حج جي سفر جي اجازت آ??ي ۽ هو پنهنجي قابل اعتماد عورتن جي گروپ سان حج درخواست جمع ڪر??ئي رهي آهي. سفر حج جي روانگي جي هنڌن جي لحاظ کان 448 سيٽون (سرڪاري ڪوٽا جو پنج سيڪڙو) ويٽنگ لسٽ تي هوندو، ڪنهن کي مفت ۾ حج ??ه ڪر??يو ويندو، سعودي تعليم موجب ميڊيڪل مشن، حج ??ددگارن، مذهبي معاملن، لوڪل مددگارن تي بڌ?? ويلفيئر عملو مقرر ڪيو ويندو. سعودي عرب ۾ شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون مقرر ڪيون ويندون، حل نه ٿيڻ واري شڪايتن کي پاڪستان ۾ سي ڊي سي جي آڏو پيش ڪيو ويندو. سي ڊي سي جي فيصلن خلاف اپيلٽ ڪميٽي وٽ اپيل ڪري سگهبي، تڪاففل جي بنياد تي حجاج محافظ اسڪيم جاري رهندي.